اسلام آباد – پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان نوان انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 543 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 4 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿي ويا،جڏهن ته هڪ مريض گهر ۾ قرنطينه جي دوران ان وائرس سبب فوت ٿيو. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 32 هزار 329 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 10 هزار 940، پنجاب ۾ 12 هزار 184، خيبرپختونخوا ۾ 4 ه??ار 53، اسلام آباد ۾ 4 ه??ار 678، بلوچستان ۾ هڪ هزار 254، گلگت بلتستان ۾ 506، آزاد ڪشمير ۾ 624 ٽيسٽ شامل آهن. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تع??اد 2 لک 97 هزار 497 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وي??ٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 912 وي??ٽيليٽرز تي ڪووڊ 19 جا 98 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ -19 جي ايڪٽو ڪيسن جو تع??اد 8 هزار 825 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو تع??اد 3 لک 12 هزار 806 آهي، جنهن مان آزاد ڪشمير ۾ 2 هزار 731، بلوچستان ۾ 15 هزار 281، گلگت بلتستان ۾ 3 هزار 787، اسلام آباد ۾ 16 هزار 611، خيبرپختونخوا ۾ 37 هزار 811، پنجاب ۾ 99 هزار 479 ۽ سنڌ ۾ هڪ لک 37 هزار 106 مريض آهن، سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 سبب فوت ٿيندڙن جو تع??اد 6 هزار 484 آهي.