اسلام آباد – 07 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته راوي سٽ?? پراجيڪٽ جي پيڙهه جو پٿر رکي ??نت??ائي خوشي ٿي آهي، اهو اسان جي تاريخ جو هڪ وڏو منصوبو آهي جيڪو اسان شروع ڪيو آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ان منصوبي سان لاهور کي بنا منصوبابندي سان شهري آبادي جي ڦهلاءُ کي روڪي سگهبو، زمين هيٺ پاڻي جي سطح ۾ اضافي ۽ راوي کي سيوري?? نالو بڻجڻ کان روڪي سگهبو. هن چيو ته راوي سٽي منصوبي سان ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين ذريع?? پرڏيهي مٽاسٽا جو ناڻو به ملندو. ان سان 40 صن??ت ۾ لکين ماڻهن کي نوڪريون ملنديون.