اسلام آباد – 23 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته نيب قانونن ۾ ترميمن جي حوالي سان مخال?? ڌر جون پارٽيون حڪومت تي دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن، مخال?? ڌر پارٽيون چاهين ٿيون ته ملڪ ۾ معاشي بحران اچي ۽ حڪومت تي دٻاءُ وڌي، حڪومت احتساب تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه نه ڪندي ۽ بدعنوان عنص??ن جي خلاف بنا فرق جي احتساب جو عمل جاري رهندو. مخال?? ڌر پارٽين جي اڳواڻن ۽ رهنمائن تي بدعنواني جا سنجيده ڪيسز آهن، بلاول ڀٽو جو نيب کي بند ڪرڻ ۽ نيب چيئرمين کي گهر وڃن جي حوالي سان بيان کل جوڳو آهي. نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ??ال??ائيندي هن چيو ته ايف اي ٽي ايف جا قانون ملڪ جي لاءِ آهن، ڪنهن حڪومت لاءِ نه آهن، ايف اي ٽي ايف جا قانون اسان جا تجويز ڪيل ناهن پر اسان کي عالمي ادا??ن جي اميدن موجب ان تي عمل ڪرڻو آهي، ام??د آهي ته عيدالاضحيٰ کان اڳ ايف اي ٽي ايف قانون پاس ٿي ويندو.