اسلام آباد – 17 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ٻاهرين ملڪ رهند?? پاڪستانين کي وطن واپس آڻڻ جي حوالي سان انتظامن ۽ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ رهند?? پاڪستاني اسان جي ذميداري آهي ۽ ان ذميداري کي پورو ڪرڻ جي حوالي سان هر ڪوشش ڪندا رهنداسين، اهڙن خيالن جو اظهار نيشنل سيڪيورٽي بابت خاص مددگار ڊاڪٽر معيد يوسف سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئ??. ملاقات ۾ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئ?? وئي.