اسلام آباد – 09 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ جي حو??لي سان پاڪستان ۾ حالتون ??نيا جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ ڪنٽرول ۾ آهن، احتياطي تدبيرون ??ختيار ڪرڻ ۽ عوام ۾ اعتماد پيدا ڪرڻ سان صورتحال ۾ نمايان بهتري اچي سگهي ٿي، عوام جيڪڏهن ڪورونا وائرس جون ??لامتون محسوس ڪري ته فوري طور ۽ بنا ڪنهن ڊپ جي ٽ??سٽ جي لاءِ رجوع ڪري، عوام ۾ آگاهي مهم شروع ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻڻ گهرجن ۽ ان حو??لي سان جلد هڪ حڪمت عملي جوڙي وڃي. اها ڳالهه وزيراعظم عمران خان نيشنل هيلٿ ٽاسڪ فورس جي اجلاس جي صد??رت ڪندي چئي.