اسلام آباد – 21 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته حڪومت ۽ عوام کي گڏجي ڪرونا جو مقابلو ڪرڻو آهي، قومون مشڪلاتن ۽ مصيبتن جو بهادري سان مقابلو ڪرڻ سان ئي وڏي قوم بڻجن ٿيون، پاڪستاني قوم مڙهيل جنگين، ٻوڏ ۽ دهشتگردي جو بهادري ۽ يڪجهتي ??ان مقابل?? ڪيو آهي، مو?? کي پورو يقين آهي ته پاڪستاني قوم ايمان، اتحاد ۽ نظم ۽ ضبط سان يڪجهتي ??ان ڪرونا جي وبا جو مقابلو ڪندي ۽ ان کي شڪست ڏيندي، پاڪستاني بهادر قوم آهي ۽ هي قوم تمام گهڻو ڪجهه ڪري سگهي ٿي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ فيس بُڪ تي ??وام سان سڌوسنئون رابطي دوران شهرين جي سوالن جا جواب ڏيندي صدر چيو ته ڪرونا وائرس سان متاثر مل??ن کان جيڪي تجربا سکيا ويا آ??ن، انهن موجب ميل ميلاپ ۽ غيرضروري چرپر کي محدود ڪيو وڃي ته ان وبا کي موثر طريقي سان منهن ڏئي سگهجي ٿو.