اسلام آباد – 04 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس ??اشق اعواڻ ڪشمير کي پاڪستان جو دفاعي حصار قرارڏي??دي چيو آهي ته عال??ي برادري جي ضمير کي جنجهوڙڻ جي لاءِ هر سال وانگر پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام اڄ ڪشميرين سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪندي، وفاقي گادي واري شهر ۾ عورتون ۽ ٻار والاريل ڪشمير ۾ ظلم ۽ ڏاڍ جو شڪار ٿيندڙ عورتن ۽ ٻارن سان يڪجهتي جو اظهار ڪ??دي گڏيل قومن جي آفيس ۾ قرارداد جمع ڪر??ئيندا. هو پي آءِ ڊي ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏئي رهي هئي. خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس ??اشق اعواڻ چيو ته ڪشميرين جي طاقتور آواز ۽ حقن جي جدوجهد کي سڄي دنيا تائين پهچائڻ جي لاءِ اڄ اربع ڏينهن مختلف پروگرام جوڙيا ويا آهن.