ڊيووس – 22 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان صرف امن جو حصيدار آهي، اسان ڪڏهن به ڪنهن ٻي جي جنگ جو حصو نه بڻجنداسين، امن ۽ استحڪام کانسواءِ پاڪستان جي معيشت ترقي نٿي ڪ??ي سگهي، پاڪستان آمريڪا ايران جي وچ ۾ ڇڪت??ڻ جي خاتمي لاءِ ذميداراڻو ۽ پاڙيسري ملڪ افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فورم کي خطاب ڪندي وزيراعظم ملڪ جي اقتصادي صورتحال جو ذڪر ڪندي چيو ته سندس حڪومت کي ??رثي ۾ بدترين معيشت ملي، معاشي استحڪام لاءِ حڪومت کي ??شڪل فيصلا ڪرڻا پيا جنهن جي نتيجي ۾ غير ملڪي پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو ٿيو ۽ روپئي جو قدر مستحڪم ٿيو جڏهن ته اسٽاڪ مارڪيٽ ترقي ڪئي.