اسلام آباد – 13 جن??ري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات واري خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته سعيد غني صاحب جي لاعلمي تي افسوس آهي، قوم جو مال ڦ??ڻ ۽ ڪوڙن انگ اکرن تي معيشت هلائيندڙن کي اهو به ع??م نه آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ ٽيڪس اوڳاڙين ۾ اضافو ٿيو آهي، هلندڙ مالي سال جي 6 ماهي ۾ حاصل ڪيل ٽ??ڪس 2085 ارب آهي، جيڪو گذريل سال جي مقابلي ۾ 16.4 سيڪڙو وڌيڪ آهي. ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته گذريل سال جي مقابلي ۾ آمدني واپار جو تعداد 21 سيڪڙو گهٽ هو جڏهن ته دا??لي ٽيڪس يعني انڪم ٽيڪس، سيلز ٽيڪس ۽ ايڪسائيز ڊيوٽي ۾ ترتيبوار 21.2 سيڪڙو، 34 سيڪڙو ۽ 25.6 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي.