ڪراچي-13 جون (اي پي پي) پاڪستان پيپ??ز پارٽي عورت ونگ جي مرڪزي صدر ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبر فريال ٽالپر چيو ??هي ته حڪومت ۽ عوام ??ي گڏيل ڪوششون آفت کان بچڻ جون حڪمت عملي آهن، قدرتي آفت جي نقصان کان بچڻ لاءِ عوام پي ڊي ايم اي طرفان جاري ڪيل احتياطي تدبيرن تي عمل ??ري. ميڊيا سيل بلاول هائوس مان جاري بيان مطابق اهڙن خيالن جو اظهار هن سامونڊي طوفان کي نظر ۾ رکندي عوام ??ي نالي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. فريال ٽالپر چيو ته سنڌ حڪومت ڪراچي، ٺٽو، سجاول ۽ بدين جي سامونڊي علائقن مان محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪري رهي آهي. طوفان بائپر جوائي جي خطري سبب ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ سميت ٻين ضلعن ۾ به حفاظتي قدم کنيا ويا آهن. هن چيو ته پ پ جي تنظيمي عهديدارن ۽ ڪارڪنن پنهنجي پارٽي چيئرمين جي هدايت جي روشنيءَ ۾ انتظاميه طرفان جاري سرگرمين ۾ ماضيءَ وانگر پنهنجو ڪردار ادا ڪن. ڄ??ڻا??ل ضلعن سان تعلق رکندڙ پ پ جا ميمبر به پنهنجن حلقن جي عوام ۽ انتظاميه سان هر وقت رابطي ۾ آهن.