اسلام آباد – 07 – جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري خيبرپختونخواهه ۾ ٽن مختلف ڪاررواين دوران 19 دهشتگردن کي جهنم واصل ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خرا?? تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پوري قوم دهشتگردي جي خلاف متحد ??هي، دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين فتنه ??لخوارج جي خلاف ڪارروايون جاري رهنديون. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر پنهنجي بيان ۾ انٽيلي جنس تي ٻڌل ڪامياب آپريشنز دوران 19 خوارج کي جهنم واصل ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي ساراهيو. صدر ڪارروائي دوران شهادت ماڻيندڙ 3 بهادر جوانن کي پڻ خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر آصف علي زرداري لانس حوالدار عباس علي، نائيڪ محمد نذير ۽ نائيڪ محمد عثمان جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ شهيدن جي درجن جي بلندي، گهرڀاتين جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي. صدر ملڪ مان فتنه ??لخوارج جي مڪمل خاتمي جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. صدر جو چو?? هو ته سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي جي لاءِ ڪارروايون ڪري رهي آهي.