اسلام آباد-27 ڊسمبر (اي پي پي) استحڪام پاڪستان پارٽي جي صدر، مواصلات ۽ سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير عبدالعليم خان جه??ز حادثي تي آذربائيجان جي سفي?? خضر فرهادوف سان تعزيت جو اظهار ??يو. وفاقي وزير اسلام آباد ۾ آذربائيجان جي سفارتخاني ويو جتي هن سفي?? خضر فرهادوف سان جه??ز حادثي تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ معصوم حياتين جي نقصان تي گهري ڏک جو اظهار ??يو. هن چيو ته ??ک جي هن گهڙي ۾ اسان آذربائيجان جي عوام سان ڏک جو اظهار ڪريون ٿا. پاڪستان ۽ آذربائيجان ڀائر اسلامي ملڪ ۽ هڪٻئي جي ڏک سک ۾ هميشه شريڪ آهن. هن چيو ته الله تعاليٰ حادثي ۾ فوت ٿي ويلن کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ زخمين کي جلد صحت عطا ڪري. آذربائيجان جي سفير وفاقي وزير جي سفارتخاني آمد ۽ افسوس جو اظهار ڪرڻ تي ٿورو مڃيو.