اسلام آباد– 16 – ڊسمبر (اي پي پي) نائ?? وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ڀاڻ جي قيمتن جي استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. نائ?? وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ صنعت واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن کي حڪومت، گئس سپلائرز ۽ فرٽيلائيزر انڊسٽري جي وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه بابت آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڀاڻ جي صنعت جي لاءِ گئس جي دس??يابي جو پڻ جائزو ورتو ويو ۽ ان کي اطمينان جوڳو ڏٺو ويو. نائ?? وزيراعظم پيداوار ۽ ذخ??ري کي مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ ربيع جي فصل جي پوري موسم ۾ ڀاڻ جي صنعت کي بنا رڪاوٽ گئس جي فراهمي کي برقرار رکڻ جي هدايت ڪئي.