اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري فلس??ين?? عوام جي خودمختياري جي حق جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان فلس??ين??ن جي فتح نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري جي حق جي حمايت جي لاءِ پرعزم آهي، اسرائيلي ڏاڍمُڙسي ۽ خطي جي ٻ??ن ملڪن جي خلاف مسلسل جارحيت پوري خطي جي امن ۽ استحڪام کي خطري ۾ وجهي رهي آهي، آزادي، وقار ۽ انصاف جي لاءِ فلس??ين?? عوام جي جائز جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهيون، عالمي ب??ادري فلس??ين?? عوام جي نسل ڪشيءَ کي روڪڻ جي لاءِ فوري ۽ فيصلائتا قدم کڻي. اهڙن خيالن جو اظهار هن فلس??ين??ن سان يڪجهتي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته هي ڏينهن هڪ اهڙي وقت ۾ ملهايو پيو وڃي جڏهن اسرائيل پاران جاري فوجي مهم غزه ۽ ٻين والاريل فلس??ين?? علائقن ۾ نسل ڪشيءَ، بنيادي ڍانچي ۽ رهائشي علائقن جي تباهي، مصيبتن ۽ فلس??ين??ن جي لڏپلاڻ جو سبب بڻجي رهي آهي. صدر چيو ته پاڪستان 1967ع کان اڳ جي سرحدن موجب هڪ اهڙي آزاد فلس??ين?? رياست قائم ڪرڻ جو حامي آهي جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي. هن چيو ته گذريل سال دور??ن عالمي انساني قانونن جي واضح خلاف ورزي ۾ اسرائيلي قدمن جي ڪري ٻارن ۽ عورتن سميت 45 هزار کان وڌيڪ فلس??ين?? پنهنجون حياتيون وڃائي چڪا آهن. صدر چيو ته اسرائيل پاران گڏيل قومن جي فلس??ين?? پناهگيرن بابت ريليف اينڊ ورڪس ايجنسي سان گڏوگڏ ٻين امدادي ايجنسين جي ڪم ۾ رڪاوٽون وجهي لکين فلس??ين??ن جي زندگين کي بچائيندڙ انساني امداد کان ڄاڻي واڻي محروم ڪيو پيو وڃي. آصف علي زرداري چيو ته اسرائيلي ڏاڍمُڙسي ۽ خطي جي ٻ??ن ملڪن جي خلاف مسلسل جارحيت پوري خطي جي امن ۽ استحڪام کي خطري ۾ وجهي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان انهن جارحاڻي ڪاررواين جي شديد مذمت ڪري ٿو ۽ عالمي ب??ادري تي زور ڏي ٿو ته اها فلس??ين?? عوام جي نسل ڪشيءَ روڪڻ جي لاءِ فوري ۽ فيصلائتا قدم کڻي. صدر چيو ته عالمي ضمير اسرائيلي قبضي جي ڪري شديد مشڪلاتن کي منهن ڏيندڙ لک??ن ماڻهن جي خراب حالت کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهي. هن چيو ته اسان سمجهون ٿا ته جاري اسرائيلي قبضو ۽ عالمي قانونن جي مسلسل بي توقيري خطي ۾ امن قائم ڪرڻ جي راهه ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهي. صدر چيو ته اڄ پاڪست??ن عالمي ب??ادري خاص طور تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان غزه ۾ فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي، لکين فلس??ين??ن جون مصيبتون گهٽ ڪرڻ جي لاءِ بنا روڪ ٽوڪ انساني امداد جي فراهمي سان گڏوگڏ اسرائيل کي ان جي قدمن تي جوابده قرار ڏيڻ جي مطالبي جو ورجاءُ ڪري ٿو. صدر چيو ته اسرائيلي قدمن کي انصاف جي عالمي عدالت بجا طور تي ”قرينِ قياس نسل ڪشيءَ“ قرار ڏنو آهي، پاڪستان ان سلسلي ۾ اسرائيل ۽ ان جي قيادت جي احتساب جي لاءِ سمورن قدمن جي آجيان ۽ حمايت ڪري ٿو، اڄ جو ڏينهن فلس??ين?? عوام جي لاءِ انصاف ۽ برابري يقيني بڻائڻ جي لاءِ اسان جي گڏيل ذميواري جي زوردار ياد ڪرائي ٿو. هن چيو ته پاڪستان فلسطين جي حمايت جاري رکندو ۽ هو فلس??ين??ن جي فتح نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري جي حق جي حمايت جي لاءِ پرعزم آهي.