ر??اض – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ر??اض پهچي ويو. ر??اض جي نائب گورنر شهزاده عبدالرحمان بن عبدالعزيز ر??اض پهچڻ تي وزيراعظم جو شاندار استقبال ڪيو. سعودي عرب ۾ پاڪ??تا?? جو سفير احمد فاروق ۽ پاڪ??تا?? ۽ سعودي عرب جا اعليٰ سفارتي آفيسر ۽ اهلڪار پڻ ر??اض هوائي اڏي تي موجود هئا. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ موجب وزيراعظم ر??اض ۾ 19 کان 31 آڪٽوبر تي منعقد ٿيندڙ اٺين فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو (ايف آءِ آءِ) ڪانفرنس ۾ شرڪت ۽ خطاب ڪندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي سعودي ولي عهد شهزاد?? محمد بن سلمان سان ملاقات پڻ متوقع آهي. دفاع وارو وفاقي وزير خواج?? محمد آصف، ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، نجڪاري وارو وفاقي وزير عبدالعليم خان، پيٽروليم وارو وفاقي وزير ڊاڪ??ر مصدق ملڪ، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ دوري تي وزيراعظم سان گڏ آهن.