اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 21 کان 26 آڪٽوبر تائين ساموا ۾ ٿيندڙ دولت مش??رڪه جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان م??جب نائب وزيراعظم دولت مش??رڪه جي اجلاس ۾ اهم عالمي مسئلن ۽ چئلينجز تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو ۽ موسمياتي تبديلي، اقتصادي ترقي ۽ دولت مش??رڪه جي برادري ۾ عالمي تعاون کي مضبوط بڻائڻ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏن??. محمد اسحاق ڊار جو ڪامن ويلٿ بزنس فورم ۾ ”ٽرانسفارمنگ اوور ورڪ فورس“ ۾ پنهنجي اهم خطاب ۾ نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ، ??نر جي ترقي ۽ ڊيجيٽل تبديلي تي پاڪستان جي ڪردار کي اجاگر ڪندو. نائب وزيراعظم دولت مش??رڪه جي ٻين ميمبر ملڪن جي وفدن جي سربراهن سان به ملاقات ڪندو. بيان م??جب دولت مش??رڪه جي 2024ع جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس ۾ پاڪستان شرڪت دولت مش??رڪه سان ان جي مسلسل ڳانڍاپي ۽ ننڍي پيسفڪ جزيرن جي ملڪن سان انهن جي لاڳاپن جي عڪاسي ڪري ٿو.