اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ سعودي ع??ب معيشت، زراعت، کاڻين جي کوٽائي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جهڙن اهم شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ع??م جو ورجاءُ ڪندي خطي ۽ اسلامي دنيا جي لاءِ هڪ خوشحال ۽ پرامن مستقبل جي تعمير جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. ان ڳالهه جو اظهار ايوان صدر ۾ صدر آصف علي زرداري ۽ سعودي سيڙپڪاري وارو وزير خالد بن عبدالعزيز الفالح جي قيادت ۾ پاڪستان جي دوري تي آيل سعودي ع??ب جي وفد جي وچ ۾ ملاقات دوران ڪيو ويو. صدر وفد جي آجيان ڪندي پاڪستان ۽ سعودي ع??ب جي وچ پراڻي ۽ هر آزمائش ۾ پوري لهندڙ دوستي جو ذڪر ڪيو. هن دوستاڻي لاڳاپن کي ڊگهي مدي واري اسٽريٽجڪ ۽ اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جي پاڪستان جي خواهش جو اظهار ڪيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اهڙي طرح جو تعاون ٻنهي ڀائر ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آڻيندو. صدر خادم الحرمين ا??شر??فين شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود جي لاءِ پاڪستان جي گهري احترام ۽ سعودي ع??ب سان يڪجهتي جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪيو. صدر ولي عهد ۽ سعودي ع??ب جي وزيراعظم محمد بن سلمان آل سعود جي دورانديش قيادت کي پڻ ساراهيو. هن ويزن 2030ع تحت سعودي ع??ب پاران ڪئي ويندڙ ذڪر ??وڳ?? اڳڀرائي کي ساراهيو ۽ مشڪل وق?? ۾ سعودي ع??ب پاران پاڪستان سان مسلسل تعاون تي ٿورا مڃيا. صدر چيو ته سعودي ع??ب جي ترقي ۽ خوشحالي جو مشاهدو ڪري کيس خوشي ٿي رهي آهي. ان موقعي تي سعودي سيڙپڪاري واري وفاقي وزير خالد بن عبدالعزيز الفالح چيو ته سعودي ع??ب ۽ پاڪستان جي اسٽريٽجڪ جاگرافيائي اهميت، قدرتي وسيلن ۽ قابل تجديد توانائي جي صلاحيت کي تسليم ڪري ٿو. هن چيو ته سعودي ع??ب پاڪستان جي انفراسٽرڪچر ۽ کاڻين جي کوٽائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ سندن وفد مختلف شعبن ۾ 25 معاهدن تي صحيحون ڪندو، جنهن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي تعاون کي فروغ ملندو. هن اميد ظاهر ڪئي ته معاهدي تي صحيحن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي تعاون جي نئين دور جي شروعات ٿيندي. ڌرين زراعت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو. ان موقعي تي پيٽروليم وارو وفاقي وزير سينيٽر مصدق مسعود ملڪ، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، نجڪاري وارو وفاقي وزير عبدالعليم خان، وفاقي گهرو وزير سينيٽر سيد محسن رضا نقوي، مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي وارو وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، سينيٽر سليم مانڊوي والا کانسواءِ سعودي سفير نواف بن سعيد المالڪي پڻ موجود هو.