اسلام آباد – 18 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شري?? پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ برطانيا جي قيادت سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي واپار ۽ سي??پڪاري، موسمياتي تبديلي، سماجي رابطن سان گڏوگڏ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ گهڻ رخي معاملن تي هم آهنگي ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران ??اري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ??رطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران وزيراعظم پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ برطانيا جي قيادت سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ پراڻا ۽ تاريخي لاڳاپا آهن، جن کي مختلف شعبن ۾ تعاون جي ذريعي وڌيڪ سگهه ڏئي سگهجي ٿي. وزيراعظم حڪومت جي ترجيحن خاص طور تي ملڪ کي درپيش معاشي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم واپار ۽ سي??پڪاري، موسمياتي تبديلي، سماجي رابطن سان گڏوگڏ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ گهڻ رخي معاملن تي هم آهنگي ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته برطانيا ۾ رهندڙ لکين پاڪستاني ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ پل جي حيثيت رکن ٿا ۽ انهن جو ٻنهي ملڪن جي بهتر لاڳاپن ۾ هڪ ا??م ڪردار آهي. وزيراعظم ڪنگ چارلس جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. برطانوي هاءِ ڪمشنر برطانوي حڪومت پاران پاڪستان ??ي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.