اسلام آباد -10 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آه??، ته پارليامينٽ هائوس جي سمورن داخلي دروازن جا ويڊيو فوٽيجز گ??رايا ويا آه?? جنهن کان پوءِ ذميوارن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي ويندي. گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ مختلف ميمبرن طرفان اٿاريل اعتراضن وارن نقطن تي رولنگ ڏيندي اسپيڪر چيو ته گذريل رات جيڪو ڪجهه پارليامينٽ ۾ ٿيو ان واقعي تي اسان کي اسٽينڊ وٺڻو پوندو، مان پارليامينٽ جي سمورن داخلي دروازن جا ويڊيو فوٽيجز طلب ڪيا آه??. هن چيو ته مان پنهنجو پاڻ کي بدقسمت سمجهان ٿو ته 2014ع ۾ پارليامينٽ تي حملو ٿيو ته مان ئي اسپيڪر هئس، هاڻي گذريل ڏينهن به منهنجي دؤر ۾ اهو واقعو ٿيو، ويڊيو فوٽيجز ڏسي ذميوارن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائڻي آه??، مان پاڻ داخل ڪرائيندس. قانون ۽ انصاف واري وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته اسپيڪر جيڪا ڳالهه ڪئي آه??، ان سان اختلاف نه ٿو ڪري سگهجي. مٺو پوکڻ سان مٺو ئي ڦٽندو، اهو هن ايوان جي تقدس جو مسئلو آه??، ڪي?? به ان کان پوئتي نه هٽندو، آئين ۽ قانون جي پاسداري ٿيڻ گهرجي. اسپيڪر جي چيمبر ۾ ويهي ان مسئلي جو ڪو حل ڪڍڻ گهرجي. ان کان پهرين علي محمد خان اعتراض واري نقطي تي چيو ته پارليامينٽ اسان سڀني جو جمهوري گهر آه??، وڏي مشڪل سان هتي پهتا آه??ون. منهنجو ڪيس جمهوريت آه??، اسان جا نظرياتي اختلاف آه??. گذريل رات واري واقعي جي مرتڪب ماڻهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. سيد نويد قمر چيو ته واقعي جي جاچ ۽ ضروري ڪارروائي ٿيڻ گهرجي. ايم ڪيو ايم جي سيد مصطفيٰ ڪمال چيو ته گذريل ڏينهن جيڪو واقعو ٿيو اسپيڪر کي ان حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته وڏي وزير علي امين گنڊا پور جلسي ۾ جيڪا تقرير ڪئي اها ڪهڙي جمهوري تقرير هئي. عورتن ۽ ميڊيا لاءِ هن جيڪي لفظ استعمال ڪري جنگ شروع ڪئي آه??، هي سڀ ان جو رد عمل آه??. هن ملڪ لاءِ مفاهمت جي ڳالهه ڪرڻ گهرجي. اها ڳالهه درست ناهي ته ڪو به چور ڦورو جيڪو انهن جي جهنڊي هيٺان اچي اهو صحيح آه??. هن چيو ته ايئن نه ٿيندو. ڪوبه ٽي وي تي اهو سڀ ڪجهه ڏسي خوش ناهي ٿي رهيو ۽ ملڪ کي ان جو ڪوبه فائدو ناهي. هن چيو ته جڏهن زهر جو ٻج ڇٽيو ويندو ته زهر ئي لڻبو. پي ٽي آءِ وارا وڃي ڪري پي ٽي آءِ باني کي سمجهائين ته ملڪ کي هلائڻ جي ايجنڊا تي رولز آف گيمز بنايا وڃن. جڏهن توهان خراب ڳالهائيندو ته موٽ ۾ به اهوئي ملندو. مير منور علي ٽالپر چيو ته اسپيڪر ان ايوان جو ڪسٽوڊين آه?? اهڙا قدم کنيا وڃن ته جيئن آئينده ائين نه ٿئي. شاهده اختر علي چيو ته سمورين پارٽين کي پارليامينٽ ۾ مسئلا درپيش آه??، انهن مسئلن کي ڪهڙيءَ طرح حل ڪري سگهجي ٿو، ان جو جائزو وٺڻ ضروري آه??. ماضيءَ ۾ اسان جي پارٽي ۽ 2014ع ۾ جهڙيءَ طرح هن پارليامينٽ سان سلوڪ ٿيو هو اهو به مذمت جوڳو هو، اسان کي پارليامينٽ کي طاقتور بڻائڻو آه??، چيئرمين کي ان صورتحال جو نوٽيس وٺڻ گهرجي.