اسلام آباد-26 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ٽپال کاتي صارفين جي سهولت لاءِ سڄي ملڪ جي 27 شهرن ۾ اڄ کان ”اڄ جي ٽپال اڄ ئي تقسيم“ ڪرڻ جي سهولت فراهم ڪري رهيو آهي، جنهن کي ڪاروباري برادريءَ جي پٺڀرائي حاصل آهي. پاڪستان پوسٽ جي عملدارن ”اي پي پي“ کي ??ُڌايو آهي ته پاڪستان پوسٽ سڄي ملڪ جو قومي ادارو آهي، جيڪو ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن، ڳوٺن ۽ ٻهراڙيءَ ۾ صارفين کي ??يشوراڻين خدمتن سان گڏوگڏ الائيڊ سر??سز فراهم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اڄ جي ٽپال اڄ ئي پڄائڻ تحت 5 کان 20 ڪلوگرام سامان جي رسد جي سر??س فراهم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته شروعات ۾ اسلام آباد، لاهور، ڪراچي، پشاور ۽ ڪوئيٽه سميت هڪ ٻن وڏن شهرن ۾ سامان ۽ پارسل جي رسد آزمائشي بنيادن تي شروع ڪئي وئي، جنهن کي ڪاروباري برادريءَ جي ڀرپور پٺڀرائي حاصل ٿي. پوسٽ عملدارن ٻُڌايو ته ا?? وقت ملڪ جي 27 وڏن شهرن ۾ فراهم ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته ا?? حوالي سان هي سر??س ٻين ڪوريئر ڪمپنين جي ڀيٽ ۾ انتهائي سستي ترين سر??س فراهم ڪري رهي آهي. پاڪستان پوسٽ مستقبل ۾ اها سهولت ملڪ جي ٻين شهرن لاءِ به شروع ڪندي جنهن سان گهريلو ۽ ڪاروباري ٻنهي صارفين کي بااعتماد سر??س گهر جي دروازي تي ميسر هوندي.