ڪوئيٽا – 14 – آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ۽ بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي جي وچ ۾ وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ ۾ ملاقات ٿي، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق ۽ واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان پڻ ان موقعي تي موجود هئا. ٻنهي اڳواڻن ملاقات دوران بلوچستان ۾ جاري ترقياتي منصوبن، امن امان ۽ سماجي ترقي جي قدمن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزيراعظم امن امان جي بحالي جي ل??ءِ صوبائي حڪومت جي قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪندي وفاقي حڪومت پاران مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. هن صوبي جي وفاقي ترقياتي منصوبن جا فنڊز وقت سر جاري ڪرڻ جي ل??ءِ لاڳاپيل ادارن کي هدايتون جاري ڪرڻ جي پڻ خاطري ڪرائيندي چيو ته بلوچستان کي ٻين صوبن جي برابر ترقي جي ڌارا ۾ آڻڻ جي ل??ءِ سنجيده آهيون، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ وفاقي حڪومت کي بلوچستان جي ترقي سان لڳاءُ ۽ عوام سان محبت آهي، صوبي جي ترقي جي ل??ءِ هر ممڪن تعاون ڪيو ويندو. ملاقات ۾ وڏي وزير مير سرفراز بگٽي نيڪ خواهشن ۽ صوبي جي ترقي جي پختي عزم تي نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار جا ٿورا مڃيندي چيو ته بلوچستان حڪومت عام ماڻهو جي زندگي جو معيار بلند ڪرڻ جي ل??ءِ قدمن کي يقيني بڻائي رهي آهي، اسان سمجهون ٿا ته وقت کان وڌيڪ صحيح رخ جو تعين ضروري آهي، الحمدالله گورننس سان واڳيل معاملن کي ترتيبوار بهتري طرف وٺي وڃي رهيا آهيون، صوبائي ڊيولپمينٽ پروگرام کي عوامي ضرورتن سان هم آهنگ ڪري رهيا آهيون ۽ صوبي جي تاريخ ۾ پهريون ڀي??و 75 سيڪڙو منظور ٿيل ترقياتي منصوبا بجيٽ جو حصو بڻايا ويا آهن باقي 25 سيڪڙو منصوبن تي به تيزي سان اڳڀرائي جاري آهي. وڏي وزير چيو ته بلوچستان ۾ گڊ گورننس جي قيام ۽ سروس ڊيليوري جي نظام جي بهتري جي ل??ءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون ۽ هر سطح تي موثر جوابدهي ۽ احتساب جي عمل کي فروغ ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته صوبي ۾ جاري وفاقي ترقياتي منصوبن جي وقت سر تڪميل فنڊز جي وقت سر جاري ٿيڻ سان مشروط آهي ان لاءِ اسان وفاقي حڪومت کان اميد ڪريون ٿا ته اها وفاقي ترقياتي منصوبن جا فنڊز وقت سر جاري ڪرڻ جي ل??ءِ قدم کڻندي.