اسلام آباد -03 آگسٽ (اي پي پي) ڊيو??ي جج جوڊيشل مئجسٽريٽ شهزاد خان قومي خابرو اداري اي پي پي ۾ ڪرو??ين رپين جي ماليت جي ڪرپشن ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کي وڌيڪ 3 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو. وفاقي تحقيقاتي اداري ايف آءِ اي جي اينٽي ڪرپشن سيل محمد غواث خان (پراجيڪٽ ڊائريڪٽر) مصور عمران (ڊپٽي ڊائريڪٽر) ۽ سعد مدثر (چيف ڪمپيوٽر انجنيئر) کي 3 ڏينهن جو جسماني رمانڊ ختم ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪري، موقف اختيار ڪيو ته جوابدارن کان وڌيڪ جاچ ??هربل آهي، انهن جو 14 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪيو وڃي، ٻڌڻي دوران اي پي پي جي ليگل ايڊوائيزر ناليواري ??انوندان سردار يعقوب مستوئي ايڊووڪيٽ دليل ڏنا ته جوابدار پروڪيورمينٽ ڪمي??ي جا ميمبر هئا. هنن جعلسازي ڪري سرڪاري ??اڻي کي 124 ملين رپين جو نقصان پهچايو. جوابدارن کان سرڪاري رقم رڪور ڪرڻ لاءِ جسماني رمانڊ ڏنو وڃي. جوابدارن جي وڪيلن جسماني رمانڊ جي مخالفت ڪئي. دليل مڪمل ٿيڻ تي عدالت ٽنهي جوابدارن کي وڌيڪ 3 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو.