اسلام آباد – 15 – جولائي (اي پي پي) ??در آصف علي زرداري کي زمبابوي، تاجڪستان، روانڊا، ارجنٽائن، ميانمار، ڪمبوڊيا ۽ بوٽسوانا جي سفيرن سندون پيش ڪيون ۽ جدا جدا ملاقات ڪئي. ايوان ??در جي پريس ونگ موجب ??در ان ??وق??ي تي چيو ته ??اڪستان ۾ سيڙپڪاري جا وسيع ??وق??ا موجود آهن، دوست ملڪ پاڪستان جي سيڙپڪاري دوست ماحول مان فائدو کڻن، غيرملڪي سيڙپڪار پاڪستان جي زراعت، لائيو اسٽاڪ، انفارميشن ٽيڪنالاجي، توانائي ۽ کاڻين جي کوٽائي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جا ??وق??ا ڳولين، پاڪستان سمورن دوست ملڪن سان واپار، سيڙپڪاري ۽ ثقافت سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ چاهي ٿو. هن چيو ته ??اڪستان اقتصادي تعاون وڌائڻ، دوست ملڪن سان واپاري ڪاٿي کي ڀرپور صلاحيت موجب وڌائڻ کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. ??در اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن جي فروغ جي لاءِ ڪاروباري برادرين جي وچ ۾ رابطا وڌائڻ تي زور ڏنو. ??در آصف علي زرداري سفيرن کي پاڪستان ۾ بطور سفير مقرر ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني. هن اميد ظاهر ڪئي ته ??امزد سفير گڏيل طور تي لاڀائتي تعاون کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. ان کان اڳ سفيرن کي ايوان ??در پهچڻ تي پاڪستان جي هٿياربند فوج جي دستي گارڊ آف آنر پيش ڪيو.