شينزن -04 جون (اي پي پي) پاڪستاني وفد بزنس ٽو بزنس اجلاس لاءِ چين جي شهر شينزن پهچي ويو، 79 پاڪستاني ڪ??پينن جا نمائندا چين جي ڪ??پنين جي اڳواڻن س??ن ملاقات ڪندا. پلاننگ ڪميشن جي ترجم??ن مطابق وزيراعظم محمد شهباز شريف به پنهنجي چين جي دوري جي پهرين مرحلي ۾ شينزن ۾ جديد آءِ ٽي ڪمپنين جي عهديدارن س??ن ملاقات ڪندو. ??ن موقعي تي فضل اسٽيل جي الياس عزيز ملڪ چيو ته اهڙي ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائڻ چاهيون ٿا جيڪا پاڪستان ۾ بهتر طريقي سان ڪم ڪري سگهي. ??ن مقصد لاءِ مان چين آيو آهيان. چيني به پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ چاهين ٿا کين هڪ بهترين شراڪتدار جي ضرورت آهي. اسان جي ڪ??شش هوندي ته چيني وڌ ۾ وڌ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪ?? ۽ پاڪستان جي ايڪسپورٽ ۾ واڌ ٿئي. سوگو گروپ آف ڪمپنيز جي عبدالخليق جعفراڻي چيو ته چين جي ترقي اسان آڏو آهي. منهنجي ڏاڏي 1950ع جي ڏهاڪي کان اڳ چين ۾ ڪاروبار شروع ڪيو هو اڄ اتي چوٿون نسل ڪم ڪري رهيو آهي. پاڪستان ۾ ٽيڪنالاجي جي منتقلي س??ن ملڪ ترقي ڪ??دو. پاڪستان ۾ بجلي جي کوٽ جو مسئلو آهي. سولر پينل ۽ انورٽر تيار ڪرڻ جي شعبي ۾ ڪم ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن پاڪستان اندر مينيوفيڪچرنگ ٿيندي ته ??ن مان وڌيڪ فائدو کڻي سگهبو. موجوده حڪومت جي قدمن عيوض ملڪي ترقي ڪ??دو، پاڪستان ۾ صنعتون لڳڻ س??ن ملڪ کي ئي فائدو پهچندو. فوٽون برينز جي فيضان فيض چيو ته حڪومت ڪاروباري شخصيتن کي سهولتون ڏئي رهي آهي. پهريان واري شخصيتن کي پنهنجا گراهڪ پاڻ ڳولڻا پوندا هئا. حڪومت طرفان بزنس ٽو بزنس گڏجاڻين ۾ سهولتن جي فراهمي سٺو سنوڻ آهي، اس??ن ملڪ ۾ چين جي سيڙپڪاري آڻڻ لاءِ پراميد آهيون.