لاهور – 29 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي ضلعي واشڪ ۾ افسوسناڪ ٽريفڪ حادثي ۾ قيمتي انساني جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم فوت ٿيندڙن جي درجن جي بلندي جي دعا ڪئي ۽ انهن جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم حادثي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد ص??تي??بي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم زخمين کي هر ممڪن طبي امداد فراهم ڪرڻ جي ه??اي?? ڪئي. وزيراعظم چيو ته هنم شڪل جي گهڙيءَ ۾ سوڳوار خاندانن سان گڏ بيٺل آهيون ۽ انهن سان دلي هم??رد??ءَ جو اظهار ڪريون ٿا.