ابوظهبي – 23 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت سيڙپڪاري ۾ اض??في جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي، حڪومت ڪاروبار دوست پاليسين ۽ غير??لڪ?? سيڙپڪارن ??ي سهولت فراهم ڪري ملڪ ۾ نجي شعبي جي ترقي يقيني بڻائي رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان چيئرمين ابوظهبي فنڊ فار ڊيولپمينٽ جي ڊائريڪٽر جنرل محمد سيف السُويدي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ تعاون جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ وزيراعظم حڪومت پاران معاشي استحڪام جي لاءِ سڌاراجاتي قدمن تي روشني وڌي. ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي ڏهاڪن تي ٻڌل آهن، گڏيل عرب امارات جي قيادت خاص طور تي شيخ محمد بن زيد النهيان جا ٿورائتا آهيون جنهن سدائين پاڪستان جي مشڪل وقت ۾ مدد ڪئي. هن چيو ته حڪومت پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ اض??في جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي، حڪومت ڪاروبار دوست پاليسين ۽ غير??لڪ?? سيڙپڪارن ??ي سهولت ڏئي ملڪ ۾ نجي شعبي جي ترقي يقيني بڻائي رهي آهي. هن چيو ته اماراتي ڪمپنين ج?? پاڪستاني ڪمپنين سان تعاون سان ٻنهي ??لڪ?? جي واپاري لاڳاپن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيند??. م??اقات ۾ وزيراعظم ابوظهبي فنڊز فار ڊيولپمينٽ جي وفد ک?? پاڪستان اچڻ جي دعوت پڻ ڏني.