اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪوپ – 29 ۾ ??رڪ?? جي دعوت قبول ڪندي ان حوالي سان آذربائيجان جي ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پا??ست??ن پاران مڪمل حمايت ۽ تعاون جو يقين ڏياريو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان آذربائيجان جي ماحوليات ۽ قدرتي وسيلن واري وزير مختار بابائيف وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. آذري وزير مختار بابائيف وزيراعظم کي آذربائيجان جي صدر الهام عليوف پاران نومبر 2024ع ۾ باڪو ۾ منعقد ٿيندڙ گڏيل قومن جي ڪانفرنس آف پارٽيز 29 (ڪوپ – 29) اجلاس ۾ ??رڪ?? جو دعوتنامو پيش ڪيو. وزيراعظم 29 هين ڪانفرنس آف پارٽيز جي دعوتنامي تي آذربائيجان جي صدر جا ٿورا مڃيا ۽ کيس ۽ آذري عوام کي ڪوپ – 29 جي ميزباني جي لاءِ باڪو جي چونڊ تي مبارڪباد پيش ڪئي. ڪوپ – 29 هن سال موسمياتي تبديلي جي درپيش چئلينجن تي غور فڪر جي لاءِ عالمي اڳواڻن جو سڀ کان اهم اجتماع آهي. آذري وزير سان ڳالهه ٻولهه ڪندي وزيراعظم چيو ته پا??ست??ن موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن مان هڪ آهي، 2022ع ۾ پا??ست??ن هڪ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کي منهن ڏنو. وزيراعظم ڪوپ – 29 جي حوالي سان آذربائيجان جي ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پا??ست??ن پاران مڪمل حمايت ۽ تعاون جو يقين ڏياريو. ڪوپ – 29 ۾ ??رڪ?? جي دعوت قبول ڪندي وزيراعظم چيو ته هو ڪوپ – 29 ۾ ??رڪ?? جو منتظر رهندو جتي کيس صدر الهام عليوف سان ٻ??رف?? لاڳاپن خاص طور تي ٻ??رف?? واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه جو موقعو ملندو. وزيراعظم شهباز شريف صدر عليوف کي پا??ست??ن جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت جو پڻ ورجاءُ ڪيو. آذري وزير پا??ست??ن ۾ پنهنجي ميزباني ۽ ڪوپ – 29 جي ڪامياب انعقاد جي لاءِ پا??ست??ن جي حمايت جي آڇ تي ٿورا مڃيا. هن چيو ته آذربائيجان پا??ست??ن سان گڏجي ڪم ڪندو ته جيئن هڪ اهڙي ايجنڊا طئي ڪري سگهجي جيڪا موسمياتي خطرن ۾ ورتل ملڪن جي ضرورتن جي مناسب عڪاسي ڪري.