اسلام آباد – 05 – اپريل (اي پي پي) پرڏ??هي وزير محمد اسحاق ڊار کي آمريڪي پرڏ??هي وزير انٽوني بلنڪن ٽيليفون ڪئي. پرڏ??هي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ٻنهي طرفن کان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي پرڏ??هي وزيرن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي وڌائڻ، موسمياتي تبديلي، زراعت ۽ سيڪيورٽي سميت ٻطرفن معاملن جي هڪ وسيع رينج بحث هيٺ آئي. علائقائي اهميت جي مختلف معاملن بشمول غزه جي صورتحال، بحيره احمر ۽ افغانستان ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي طرفن کان ٻطرفن لاڳاپن ۾ موجوده مثبت رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو.