اسلام آباد- 10 فيبروري (اي پي پي) ڪامن ويلٿ مبصر گروپ جي سربراهه ڊاڪٽر گڊ لڪ جوناٿن چيو آ??ي ته پاڪستان ۾ 2024ع جون عام چونڊون پرامن نموني ڪرائڻ تي پاڪستان کي مبارڪون ڏيون ٿا، پوري چونڊ عمل دوران پاڪستان جي عوام جي حوصلي ۽ همت کي ساراهيون ٿا، پولنگ اسٽاف سياسي پارٽين، اميدوارن ۽ ان جي ايجنٽن، سي??يو??ٽي ايجنسيز کي چونڊ عمل دوران انهن جي ڪردار تي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. نيوز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪامن ويلٿ گروپ جي سربراهه ڊاڪٽر گڊ لڪ جوناٿن چيو آ??ي ته اسان ۽ اسان جي نمائندن 2024ع جي چونڊن جو مشاهدو ??يو?? ماڻهن وڏي انگ ۾ ووٽ وڌا، اليڪشن مينيجمينٽ سسٽم بهترين ڪوشش هئي، هن اليڪشن ڪميشن جي اسٽاف کي ساراهيندي چيو ته چونڊ اسٽاف به تمام پيشيوراڻي طريقي سان ڪم ڪيو. هن ٻڌايو ته اسان ڪراچي، ملتان، حيدرآباد، فيصل آباد جي مخ??لف پولنگ اسٽيشنن جودورو ??يو?? عورت عملي کي چونڊ اسٽيشنن تي بهترين طريقي سان ڪم ڪندي ڏٺو ويو، هن چيو ته عالمي مبصر طور اسان جا پنهنجا معيار آهن، ڪنهن به خبر جي ترديد يا تصديق جا پابند ناهيون، ڪامن ويلٿ وفد جي سربراهه چونڊن واري ڏينهن سي??يو??ٽي تي موجود اهلڪارن جي شهادت تي ڏک جو اظهار ??يو?? هن چيو ته اسان ڪيترائي اهڙا ماڻهو ڏٺا جيڪي جسماني معذوري باوجود چونڊن واري ڏينهن پنهنجي ووٽ جو استعمال ڪرڻ لاءِ نڪتا جڏهن ته انهن کي ووٽ جي حق جي استعمال لاءِ پولنگ اسٽاف ۽ سي??يو??ٽي تي موجود ماڻهن جي طرفان موثر مدد فراهم ڪئي وئي، جن کي ساراهيون ٿا.