لاهور -08 ??يبروري (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان ا??ٽرنيٽ ۽ موبائيل سروس جي بندش خلاف اليڪشن ڪميشن لاهور ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ڇڏي آهي. ان موقعي تي شيري رحمان ڳالهائ??ند?? چيو ته پيپلزپارٽي جا وڪيل ان معاملي تي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ به پٽيشن داخل ڪرائيندا. هن چيو ته چونڊن واري ڏينهن ا??ٽرنيٽ ۽ موبائيل نيٽ ورڪ جي بندش تي ڳڻتي آهي، چونڊن واري ڏينهن موبائيل ۽ انٽرنيٽ بند ڪرڻ نامناسب آهي. هن چيو ته چونڊن واري ڏينهن عوام پنهنجي عزيزن ۽ رشتيدارن سان رابطي کانسواءِ پارٽي ۽ اميدوار کي پولنگ ايجنٽن سان رابطو رکڻو هوندو آهي، جيڪڏهن ا??ٽرنيٽ ۽ موبائيل سروس بند هوندي ته پولنگ ايجنٽس پنهنجون شڪايتون اسان تائين ڪيئن پهچائيندا. هن چيو ته اسان جو سڄو ڪميونيڪيشن جو نظام انٽرنيٽ تي آهي، تنهن ڪري اسان جي گذارش آهي ته اليڪشن ڪميشن فوري انٽرنيٽ سروس ۽ موبائيل نيٽ ورڪ بحال ڪرائي، امجد حسين ا??ڊووڪيٽ ۽ ملائيڪه رضا به ان موقعي تي ساڻس گڏ هئا.