ڪراچي – 18 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري ن??ران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سينيئر صحافي بابر اياز جي لاڏاڻي تي مرحوم جي گهرڀاتين سان تعزيت جي ??اء?? سندس گهر ويو، سنڌ جو اطلاعات وارو نگران وزير محمد احمد شاهه به ساڻس گڏ هو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري ن??ران وفاقي وزير مرحوم بابر اياز جي ايصال ثواب ??اء?? فاتحه خواني ڪئي ۽ بابر اياز جي صحافتي خدمتن تي کيس خراج عقيدت پيش ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري ن??ران وفاقي وزير چيو ته بابر اياز هڪ مخلص، امن پسند ۽ جمهوريت پسند انسان هو. بابر اياز جي صحافتي خدمتن کي سدائين ياد ر??يو ويندو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ڏي ۽ پونئيرن کي صبر عطا فرمائي.