اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته آئين جي آرٽيڪل 218 (3) تحت ال??ڪشن جي تاريخ ڏ??ڻ يا تبديل ڪرڻ ال??ڪشن ڪميشن جو اختيار آهي، اسان ڪنهن آئيني اداري جي معاملن ۾ مداخلت نه ٿا ڪري سگهون. پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وفاقي وزير چيو ته سينيٽ ۾ ال??ڪشن جي التوا جي قرارداد ۾ دليل ڏيڻ جو موقعو ن?? مليو. هن چيو ته نگران وزيراعظم يا ڪابينا پاران ال??ڪشن جي دير جي حوالي سان ڪو حڪم موجود نه هو، ا?? لاءِ اهڙي قسم جي قرارداد جي حمايت ڪرڻ اسان جي لاءِ ممڪن نه هو. هن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 218 (3) تحت ال??ڪشن ڪرائڻ، ال??ڪشن جي تاريخ ڏ??ڻ يا تبديل ڪرڻ ال??ڪشن ڪميشن جو اختيار آهي، اسان ڪنهن آئيني اداري جي معاملن ۾ مداخلت نه ٿا ڪري سگهون. هن چيو ته قرارداد جي اندر جيڪي مسئلا ٻڌايا ويا اهي حقيقي مسئلا آهن پر پاڪستان جي پارلياماني سياست ۽ چونڊن جي تاريخ ۾ اهي مسئلا اڳ ۾ به رهيا آهن، سيڪيورٽي جي فراهمي سميت موسم ۽ ٻين مسئلن جو خيال رکڻ حڪومت جي ذميواري آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اڃا تائين ڪنهن تڪ پاران اهڙو ڪو اشارو ناهي مليو جنهن ۾ واضح پيغام هجي ته چونڊون نه ٿيڻ گهرجي، ال??ڪشن جي التوا يا انعقاد جو آئيني اختيار رڳو ال??ڪشن ڪميشن وٽ آهي.