اسلام آباد – 03 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڊيره اسماعيل خان ۾ 12 ڊسمبر جي دهشتگرد حملي جي ش??يد?? جي پونئيرن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو، ش??يد?? کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ وارثن سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي حوالدار عمران خان، محمد جميل، محمد شهاب، فضل سبحان، دائود شاهه ۽ رياست خان جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي نائيڪ مختيار علي، لانس نائيڪ محمد اسحاق، محمد حيات ۽ صغير احمد جي گهرڀاتين سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو. هن سپاهي رحمان شاهه، غلام مرتضيٰ، محمد فياض ۽ امير حسين کي پڻ خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سپاهي عدنان، محمد نصير، وقار الله خان، ولي خان، ذوالفقار ۽ نبيل اخ??ر کي ملڪ جي لاءِ شهادت ماڻڻ تي سلام پيش ڪيو. صدر دهشتگ??دن جي حملي جي مذمت ڪئي، ش??يد?? جي خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪيو. هن قوم پاران ش??يد?? جي خدمتن کي ساراهيو ۽ انهن جي خاندانن جا ٿورا مڃيا. صدر ش??يد?? جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.