اسلام آباد -29 ڊسمبر (اي پي پي) خوراڪ جي تحفظ واري نگران وفاقي وزير ڪوثر عبدالله ملڪ چيو آهي ته آبادگارن جو ملڪي ??رق?? ۾ اهم ڪردار آهي، آبادگارن جي درپيش مسئلن جو مڪمل حل آهي، حڪومت آبادگارن جي ڀلائي ۽ ??رق?? لاءِ ٺوس قدم کڻي رهي آهي، ذخيره اندوزي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ۾ پاڪ فوج جي مدد حاصل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي ڪسان ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪوثر عبدالله ملڪ چيو ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ڀاڻ جا مسئلا حل ٿي ويندا، لائيو اسٽاڪ جو ڪاروبار ملڪي ??رق?? ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، آمدني واپار ۽ روانگي واپار لاءِ آبادگار ڪردار ادا ڪن. ان موقعي تي قومي ڪسان ڪنوينشن ۾ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان وڏي انگ ۾ آبادگارن شرڪت ڪئي. قومي ڪسان ڪنوينشن ۾ آبادگارن کي زراعت جي حوا??ي سان خصوصي دستاويزي فلم ڏيکاري وئي جنهن ۾ خوراڪ جي تحفظ جي حوا??ي سان حڪومت ۽ پ??ڪ فوج جي ڪردار کي اجا??ر ڪيو و??و. قومي ڪسان ڪنوينشن کي آبادگارن جي چيف ڪوآرڊينيٽر ڪرنل (ر) هاشم ڊوگر به خطاب ڪيو ۽ چيو ته قومي ڪسان ڪنوينشن ڪوٺائڻ خوش آئنده آهي ان سان ملڪي زراعت جي ??رق?? جي حوا??ي سان حڪومت جو عزم ظاهر ٿئي ٿو. هن چيو ته آبادگارن کي ڀاڻ جي فراهمي جي حوا??ي سان مسئلا درپيش آهن تنهن هوندي به حڪومت طرفان مسئلن جي حل جي خاطري تي آبادگار اطمينان جو اظهار ڪري رهيا آهن.