تاشقند – 09 – نومبر (اي پي پي) نگران وز??راعظم انوارالحق ڪاڪڙ اڄ خميس ڏينهن تاشقند ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو، هو آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان ملاقات، اي سي ا?? جي اجلاس کي خطاب پڻ ڪندو. پي ايم آفيس جي ميڊيا ون?? پاران جاري بيان موجب نگران وز??راعظم آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان ملاقات ڪندو جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. نگران وز??راعظم اي سي ا?? جي سورهين سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ۽ اجلاس کي خطاب پڻ ڪندو، ان کانسواءِ نگران وز??راعظم اي سي ا?? ملڪن جي سربراهن جي اعزاز ۾ منعقد آجياڻي ۾ پڻ شرڪت ڪندو. نگران وز??راعظم جي ا?? ازبڪستان جي تاريخي شهر ثمرقند روانگي پڻ متوقع آهي جتي هو حضرت امام بخاري جي مزار تي حاضري ڀريندو.