اسلام آباد – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جو اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل (سياسي) ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي لاءِ خ??وص?? نمائندو يو??ف الدوبي پاڪستان جي سرڪاري دوري تي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته گذريل ڏينهن هن پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي سان ملاقات ڪئي ۽ ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (گڏيل قومون) جي سفير سيد حيدر شاهه سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي سان پڻ ملاقات ڪئي. ترجمان چيو ته خ??وص?? نمائندو يو??ف الدوبي اڄ پاڪستان جي نگران وزيراعظم ۽ نگران پرڏيهي وزير سان ملاقات ڪندو، هو آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو دورو پڻ ڪندو. هن چيو ته هي دورو مارچ 2022ع جي ايڪشن پلان موجب آهي جيڪو او آءِ سي رابطا گروپ ڄمون ۽ ڪشمير تي اختيار ڪيو آهي جنهن ۾ ڄمون ۽ ڪشمير بابت خ??وص?? ايلچي کي زميني صورتحال بابت معلومات حاصل ڪرڻ جي لاءِ خطي جي سالياني دورن جو اهتمام ڪرڻ جو مينڊيٽ ڏنو ويو هو ته جيئن هو ??رڏيهي وزيرن واري ڪائونسل کي پنهن??ي مشاهدن جي رپورٽ پيش ڪري.