اسلام آباد – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) پا??ست??ن غزه ۾ اسرائيل جي جارحيت جي شديد مذمت ڪندي معصوم فلسطينين تي بمباري فوري طور تي روڪڻ جو مطالبو ڪيو آهي. پرڏ??هي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پا??ست??ن غزه ۾ اسرائيل جي جارحيت جي شديد مذمت ڪري ٿو جتي معصوم فلسطينين تي زمين تنگ ڪئي پئي وڃي. ترجمان غزه ۾ شهري آبادي جي خلاف اسرائيلي عملدارن پاران طاقت جي استعمال جي شديد مذمت ڪئي ۽ چيو ته پا??ست??ن کي اسرائيلي فوج پاران غيرانساني ناڪابندي ۽ گڏيل سزائن جي ڪري غزه ۾ تيزي سان خراب ٿيندڙ سنگين انساني ??ورتحال تي گهري ڳڻتي آهي. هن چيو ته بجلي، ٻارڻ ۽ پاڻي جي سپلائي ڪاٽڻ جو فيصلو غيرمنصفاڻو آهي ۽ ان کي واپس وٺڻ گهرجي ڇو ته ان سان فلسطينين جي زندگين تي شديد اثر پوندو. ترجمان چيو ته اسرائيل کي غزه جي ماڻهن جي خلاف بمباري جي پنهنجي مهم کي فوري طور تي ختم ڪرڻ گهرجي ۽ عالمي قانون تحت پنهنجون ذميواريون پوريون ڪرڻ گهرجن، ناڪابندي ختم ۽ فلسطيني ??وام تائين انساني ??مداد تائين بنا رڪاوٽ پهچ جي اجازت ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته پا??ست??ن تازن مهينن ۾ اسرائيل جي اشتعال انگيز قدمن جي سنگين نتيجن جي خلاف مسلسل خبردار ڪندو رهيو آهي. ترجمان چيو ته صورتحال جي سنگيني ??المي برادري کان فوري مداخلت جو مطالبو ڪري ٿي، اسان گڏيل قومن تي زور ڏيو?? ٿا ته اها غزه ۾ خراب ٿيندڙ انساني ??ورتحال کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ جنگبندي ۾ سهولتڪاري جي لاءِ فعال ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته عالمي برادري کي 1967ع کان اڳ جي سرحدن جي بنياد تي فلسطين جي هڪ قابل عمل، خودمختيار ۽ متصل رياست سان گڏ هڪ منصفاڻي، جامع ۽ پائيدار رياستي حل جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، جنهن جو گادي وارو شهر القدس الشريف هجي. ترجمان چيو ته اهڙي حل جي عدم موجودگي ۾ وچ اوڀر ۾ امن اڻلڀ رهندو.