اسلام آباد – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪئناڊا جي سک اڳواڻ هرديپ سنگهه جي قتل ۾ ڀارت جي ملوث هجڻ جي سخت مذمت ڪئي آهي ۽ دنيا تي زور ڏنو آهي ته اها ڪئناڊا جي سرزمين تي ??ارت جي رياستي سرپرستي ۾ ??ين??ڙ قتل جو سنجيدگي سان نوٽيس وٺي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر سک اڳواڻ جي قتل تي ??ڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ڀارت جي اندر ۽ ٻاهر اقليتي ??روهن جي قيادت تي ظلم ڪرڻ ۽ انهن کي ختم ڪرڻ ڀارت جي پاليسي رهي آهي. صدر وڌيڪ چيو ته سک اڳواڻ جي بي رحماڻي قتل ڀارت جو اصل چهرو بي نقاب ڪري ڇڏيو جيڪو اقليتي ??روهن جي خلاف عدم برداشت جو مظاهرو ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ڀارت ڪيترن ئي ڏهاڪن کان غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مسلمانن ۽ ٻين اقليتي برادرين جي خلاف دهشتگردي جاري رکي آهي. هن افسوس جو اظهار ڪيو ته غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت پاران ڪيل ظلمن ۽ اقليتن تي ظلم ۽ ڏاڍ ۽ انهن جي عبا??تگ??هن کي مسمار ڪرڻ تي دنيا جي خاموشي ۽ بي عملي ڀارت کي غيرملڪي سرزمين ۾ اهڙي قسم جون ڪارروايون ڪرڻ جو حوصلو ڏنو. هن چيو ته اهو هڪ کليل راز آهي ته ڀارت پاڙيسري ملڪن جي سرزمين پاڪستان جي خلاف استعمال ڪرڻ، ??الس فليگ آپريشنز، پاڪستان ۾ دهشتگردي جي ڪاررواين جي لاءِ عسڪريت پسندن کي تربيت، فنڊنگ ۽ مدد فراهم ڪري خطي ۾ مشڪلاتن ۽ عدم استحڪام جو سڀ کان وڏو ذريعو آهي پر افسوس جو دنيا خاموشي اختيار ڪري رکي آهي.