اسلام آباد – 19 – جولاءِ (اي پي پي) اطل??عا?? ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي ويزن موجب موجوده حڪومت جي فوري ۽ ٺوس قدمن سان ملڪي معيشت ۾ مثبت نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آهن، اسڪرين ٽوئرازم جي ذريعي پاڪستان ??ي ثقافت، تهذيب ۽ تمدن سڄي دنيا کي ڏيکارڻ چاهيون ٿا، حڪومت فلم جي شعبي ۾ ڪيتريون ئي مراعتون ڏنيون آهن، غيرملڪي فلم ساز پاڪستان ۾ عڪسبندي ۽ فلمسازي جي شعبي ۾ خصوصي رعايتن مان فائدو کڻن. اها ڳالهه هن ملاقات جي لاءِ آيل پاڪستان ۾ آسٽريليا جي سفير نيل هاڪنز سان ڳالهائيندي ڪئي. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن، معاشي استحڪام، فلم، آرٽ ۽ ثقافت جي شعبي ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. آسٽريليا جي سفير موجوده حڪومت جي ملڪي معيشت جي استحڪام ۽ آءِ ايم ايف جي معاهدي لاءِ ڪوششن کي ساراهيو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ??سٽريليا سان لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. وزيراعظم شهباز شريف جي ويزن موجب حڪومت ملڪي معيشت جي لاءِ فوري ۽ ٺوس قدم کڻي، انهن قدمن سان ملڪي معيشت ۾ مثبت نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آهن. آسٽريليا جي سفير کي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) قائم ڪرڻ بابت تفصيلن کان ??گاهه ڪندي اطل??عا?? واري وفاقي وزير چيو ته اها ڪائونسل معاشي بحالي جي لاءِ پاليسي جي اڳڪٿي، تسلسل ۽ موثر لاڳو کي يقيني بڻائي??دي. ايس آئي ايف سي فيصلاسازي جي اعليٰ فورم تي ڪم ڪ??دي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت اظهار جي آزادي جي راءِ تي پڪو يقين رکي ٿي. حڪومت اقتدار ۾ ايندي ئي پهرين هفتي دوران ??ظهار راءِ جي آزادي جو بل پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو. هن چيو ته جرنلسٽ ۽ ميڊيا پروفيشنل ترميمي بل منظوري جي مرحلن ۾ آهي. اطل??عا?? واري وفاقي وزير چيو ته هلندڙ سال بجيٽ ۾ صحافين ۽ فنڪارن جي هيلٿ انشورنس جي لاءِ وڏي رقم رکي وئي آهي، جڏهن ته پهرين مرحلي ۾ فلم انڊسٽري جي لاءِ بجيٽ رکي وئي آهي. هن چيو ته اسان ??سڪرين ٽوئرازم جي ذريعي پاڪستان ??ي ثقافت، تهذيب ۽ تمدن سڄي دنيا کي ڏيکارڻ چاهيون ٿا. مريم اورنگزيب آسٽريلوي سفير کي نيشنل اميچوئر فلم انڊسٽري بابت آگاهه ڪندي چيو ته نيشنل امچوئر فلم فيسٽيول جو مقصد پاڪستاني نوجوانن جي تخليقي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ آهي. هن چيو ته تازو ئي نيشنل امچوئر فلم فيسٽيول ايوارڊ جا پنجويهين هاءِ اچي??رز آسٽريليا روانا ٿيا آهن. فلم انڊسٽري جي لاءِ قدمن جو ذڪر ڪندي اطل??عا?? واري وفاقي وزير چيو ته حڪومت 2 ارب رپين جي لاڳت سان فلم فنانس فنڊ قائم ڪيو آهي. فلم جي شعبي ۾ ڪيتريون ئي مراعتون ڏنيون ويون آهن. حڪومت فلم، ڊاڪيومينٽري ۽ ڊراما تيار ڪرڻ تي فنڊز فراهم ڪ??دي. هن چيو ته غيرملڪي فلمسازن کي پاڪستان ۾ عڪسبندي ۽ فلمسازي جي شعبي ۾ خصوصي رعايتن مان فائدو کڻڻ گهرجي. اطل??عا?? واري وفاقي وزير چيو ته آسٽريليا جي ميڊيا پاڪستان ??ي حالتن کي معروضي ۽ غيرجانبداراڻي انداز ۾ رپورٽ ڪري ٿي، جيڪو ساراهه جوڳو آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ پيمرا جي قانون کي بدلايو پيو وڃي، پيمرا اٿارٽي ۾ صحافتي تنظيمن کي به نمائندگي ڏني وئي آهي. ان موقعي تي آسٽريلوي سفير چيو ته آسٽريليا جي ڪمپني بلوچستان ۾ ريڪوڊڪ منصوبي تي ڪم ڪري رهي آهي. ريڪوڊڪ منصوبو بنا ڪنهن شڪ جي پاڪستان ??ي ترقي جو دروازو کوليندو. آسٽريلوي سفير اطل??عا?? واري وفاقي وزير جي فلم اينڊ ڪلچر ۽ ملڪ ۾ اظهار جي آزادي جي راءِ جي فروغ لاءِ ڪوششن کي ساراهيو.