پشاور – 22 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ جي پٺتي پيل آبادي کي تعليم ۽ صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ هيلٿ اينڊ ايجوڪيشن جي شعبن تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. خيبر گرلز ميڊيڪل ڪاليج ۾ هيلٿ ريسرچ 2023ع تي عالمي ڪانفرنس جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي صدر چيو ته ملڪ جي رڳو چار کان 5 سيڪڙو آبادي اعليٰ تعليم سان ليس آهي جڏهن ته عام ماڻهو کي شديد مشڪلاتون درپيش آهن. هن نشاندهي ڪئي ته ملڪ جي 250 ملين آبادي م??ن 27 ملين ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن جڏهن ته ماڻهن جي هڪ وڏي انگ کي پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ صحت جي م??ياري خدمتن تائين پهچ نه آهي. صدر پاليسي سازن تي زور ڏنو ته اهي جلد ۽ وقت سدر فيصلا ڪن جڏهن ته ڌرين، سرندي وارن ماڻهن، رضاڪارن ۽ عالم سڳورن تي زور ڏنو ته اهي جديد دور جي چئلينجز بابت بيداري پيدا ڪرڻ ۽ ٻارن جي تعليم جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته حڪومت 27 ملين اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جي لاءِ وسيلن جي کوٽ جي ڪري اسڪول قائم نه ٿي ڪري سگهي ۽ نه ئي سڀني کي صحت جون سهولتون فراهم ڪري سگهي ٿي ۽ اهڙي طرح عوام جي خدمت جي ذميواري سول سوسائٽي جي ڪلهن تي اچي ٿي. هن چيو ته ملڪي م??يشت کي ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن جڏهن ته وقت گذرڻ سان گڏ??گڏ ان ۾ بهتري ايندي. هن وڌيڪ چيو ته استادن، ڊاڪٽرن، شاگردن، عالم سڳورن ۽ هر ماڻهو کي ملڪ جي تعمير ۾ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن وقت ملڪ کي ڊاڪٽرن ۽ نرسن جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ 9 لک نرسن جي ضرورت آهي جڏهن ته هن وقت 2 لک تربيت يافته نرسون فيلڊ ۾ ڪم ڪري رهي??ن آهن. هن صحت جي تحقيق تي پهرين عالمي ڪانفرنس جي منتظمين کي ساراهيندي چيو ته عالمي م??هرن سان گڏجي صحت جي شعبي ۾ نئين تحقيق وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته ڊاڪٽرز خاص طور تي نئين فار?? ٿيندڙ شاگردن کي گهرجي ته اهي نئين تحقيقي موضوعن تي ڌيان ڏين ۽ ماڻهن کي م??عدي ۽ غيرمتعدي م??ضن ۽ احتياطي تدبيرن بابت آگاهي ڏين. صدر عورتن کي اڳتي اچڻ ۽ خاص طور تي ميڊيڪل جي شعبي ۾ تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ عملي زندگي ۾ شامل ٿيڻ جي ترغيب ڏيڻ تي پڻ زور ڏنو.