اسلام آباد-14 جون (اي پي پي)نيشنل ڊزاسٽر مئنجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ قومي مو?? سون ڪوآرڊينيشن ڪانفرنس جي صدارت ڪئي ۽ ڪانفرنس لاءِ بحث هيٺ شعبن جو خاڪو پيش ڪيو. ڪانفرنس جو مقصد سمورن ڌُرين وچ ۾ هم ??هنگي کي هٿي وٺرائڻ ۽ مو?? سون جي تياريءَ جي قدمن جو جائزو وٺڻ هو. چيئرمين ارسا ۽ موسمياتي تبديليءَ واري وزارت، ڊزاسٽر مئنجمينٽ جي ادارن، ايمرجنسي سروسز، موسمي??ت کاتي، سپارڪو، اين ايڇ اي، هٿياربند فوج، سي ڊي اي/آءِ سي ٽي، پي ايڇ ايف، اين ايڇ ايفن، ايف ڊبليو او، ايمرجنسي ريسپانس ايجنسين ۽ يو اين او، يو اين ڊي پي ۽ ڊبليو ايڇ ايڇ جي نمائندن ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي. چيئرمين گذريل 22ع جي ٻوڏ جي تجربن مان سکي ڪري تياريءَ جي اهميت، وقتائتي تربيتي ۽ مو?? سون جي هنگامي صورتحال لاءِ اسٽاڪ پوزيشنز جو جائزو وٺڻ جي ضرورت تي زور ڀر??و. ??ن عام ماڻهن، انساني حقن جي تنظيمن ۽ـ لاڳاپيل کاتن لاءِ ٺوس مشورا ۽ رهنمائيءَ جا ڪتابڙا جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته آفتن جي اثرن کي گهٽائڻ لاءِ فعال قدم ضروري آهن ۽ـ آفتن جي حملن کان اڳ ٺوس قدم کڻڻ تي زور ڀر??و. ??وسيم??ت کاتي ايندڙ 3 مهينن جي موسمي حالتن بابت بريفنگ ڏني وئي ۽ اڳواٽ اڳڪٿي ڪيل 2023ع جي گرميءَ جي موسم ۾ شديد موسمي واقعن جو امڪان آهي، جنهن سان درياهن ۾ چاڙهه، اوچتو ٻوڏ، لينڊ سلائيڊنگ ۽ شهري ٻوڏ جو سبب بڻجي سگهن ٿا. آبادگارن ۽ هارين کي انهن واقعن لاءِ تيار رهڻ گهرجي ۽ ان تحت ئي رٿابندي ڪرڻ گهرجي. ارسا چيئرمين آبي ذخيرن جي صورتحال بابت آگاهي ڏني. ڊزاسٽر مئنجمينٽ جي صوب??ئي ۽ علائق??ئي ادارن مو?? سون جي هنگامي صورتحال لاءِ عوامي جاڳرتا مهم ۽ فرضي مشقن جا تفصيل پيش ڪيا. اين ڊي ايم اي چيئرمين صوب??ئي اختيارين کي هدايت ڪئي ته مقامي اين جي اوز ۽ امدادي تنظيمن سان هم ??هنگي پيدا ڪري، مقامي آباديءَ تائين وڌ کان وڌ رسائيءَ کي يقيني بڻايو وڃي ۽ موسمي??ت کاتي جي اڳڪٿيءَ موجب وسيلن کي ڪتب آڻڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.