اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ايئر هيڊڪوارٽرز اسلام آباد جو دورو ڪيو ۽ پاڪ فضائيه جي سربر??هه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سدهو سان م??اقات ڪئي. ملاقات ۾ جيو اسٽريٽجڪ ماحول ۽ علائقائي سلامتي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪ فضائيه جي ترجمان م??جب ايئر چيف معزز مهمان کي پاڪ فضائيه کي جديد بڻائڻ ۽ مقامي صلاحيتن جي فروغ لاءِ جاري مختلف منصوبن بابت آگ??هه ڪيو. پاڪ فضائيه جي سربر??هه پرڏيهي وزير کي پاڪ فضائيه جي نيشنل ايرو اسپيس سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ پراجيڪٽ بابت پڻ آگ??هه ڪيو ۽ ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ان م??گا پراجيڪٽ جو مقصد ايوي ايشن، آءِ ٽي، سائبر ۽ ڪمپيوٽنگ جي شعبن ۾ گڏيل تحقيق ۽ ترقي کي فروغ ڏيڻ آهي ته جيئن پاڪستان جي لاءِ سماجي، اقتصادي، ٽيڪنيڪي ۽ سائنسي فائدن کي يقيني ب??ائي سگهجي. پرڏيهي وزير پاڪ فضائيه جي اهلڪارن جي بي مثال پيشيواراڻي مهارت کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان حڪومت پاڪ فضائيه کي جديد رخن تي قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجا سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻيندي ته جيئن م??ڪ جي فتح نه ٿيڻ جوڳي فضائي دفاع کي يقيني ب??ائي سگهجي. پاڪ فضائيه جي شهيدن کي شاندار خراج عقيدت پيش ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته قوم پاڪ فضائيه جي سمورن شهيدن جي ٿورائتي آهي جن دشمن جي ڪڌي ارادن کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ بهادري سان وڙهندي پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا. هن پاڪ فضائيه جي قيادت پاران تربيتي شعبي ۾ ڪيل سڌارن کي پڻ ساراهيو جن سان هڪ هنرمند افرادي قوت پيدا ڪري سگهبي جيڪا ايوي انڊسٽري جي تبديل ٿيندڙ رجحانن ۽ قومي سلامتي کي درپيش چئلينجز کي منهن ??يڻ جي صلاحيت رکندي هجي.