اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي آفيس چيو آهي ته سوڊان مان هڪ هزار پاڪستانين جو خرطوم ۾ پ??ڪستاني سفارتخاني جي اڻٿڪ ڪوششن سان حفاظت سان انخلا عمل ۾ آندو ويو آهي. پرڏيهي آفيس هڪ بيان ۾ چيو آهي ته سوڊان ۾ پ??ڪستان جي سفير مير بهروز ريگي جي قيادت ۾ پ??ڪستانين جي انخلا جي عمل کي سعودي عرب ۽ چين جي مدد سان ج??ه ۽ اسلام آباد ۾ اسان جي ٽيمن جو تعاون حاصل ر??يو جنهن جي نتيجي ۾ اسان ڪاميابي سان حفاظت سان هڪ هزار پاڪستانين جو سوڊان مان انخلا عمل ۾ آندو ويو آهي. پرڏيهي آفيس موجب ان سان گڏ ئي سوڊان مان اسان جي انخلا جون ڪارروايون ختم ٿي ويون آهن. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته آخري پاڪستاني جي حفاظت سان واپسي تائين ج??ه رستي انخلا جو عمل جاري رهندو.