ڪوئيٽا – 18 – مئي (اي پي پي) پاڪستان ??يپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽ?? زرداري سان بي اي پي جي مرڪزي صدر ۽ بلوچستان جي وڏي و??ير مير عبدالقدوس بزنجو ملاقات ڪئي. جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن ملڪ جي سياسي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي اڳواڻن هڪ سياسي پارٽي پاران ??لڪ ۾ سياسي ڇڪتاڻ ۾ اضافي، جلاءُ گهيراءُ ۽ تشدد جي سياست جي مذمت ڪئي جڏهن ته ملاقات ۾ قوم پاران ??نفي سياست کي رد ڪري پاڪ فوج ۽ قومي سلامتي جي ادارن تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو ويو. ملاقات ۾ بلوچستان جي تعمير ۽ ترقي ۽ مسئلن جي حل تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي، وڏي و??ير جو چوڻ هو ته بلوچستان جي ترقي وفاق جي عملي تعاون کانسواءِ ممڪن نه آهي. بلاول ڀٽ?? زرداري چيو ته پاڪستان ??يپلزپارٽي احساس محرومي جي شڪار ننڍن صوبن کي اهميت ڏي ٿي. هن يقين ڏياريو ته هو بلوچستان جي مالي مسئلن جي حل لاءِ وزيراعظم ۽ لاڳاپيل وزيرن سان ڳالهه ڪندو.