اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف آدمشماري بابت ايم ڪيو ايم جا سمورا خدشا ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزير??عظ?? محمد شهباز شريف س??ن متحده قومي موومينٽ جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزير??عظ?? منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال کي آدمشماري جي حوالي سان ايم ڪيو ايم جا سمورا خدشا جلد کان جلد ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ايم ڪيو ايم جي وفد آدمشماري تي ايم ڪيو ايم جي خدشن کي خاطرخواهه حد تائين ختم ڪرڻ جي حوالي سان وزير??عظ?? جا ٿورا مڃيا. ايم ڪيو ايم جي وفد ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر ۽ قومي اسيمبلي ميمبر خالد مقبول صديقي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام وارو وفاقي وزير سيد امين الحق، قومي اسيمبلي ميمبر فاروق ستار ۽ اڳوڻو سينيٽر مصطفيٰ ڪمال شامل هئا. ان موقعي تي منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال پڻ موجود هو.