اسلام آباد – 27 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي (سي ڊي اي) پاران ملازمه کي رهائشي ڪوا??ٽر جي الاٽمينٽ ۾ صنفي امتياز ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي وفاقي محتسب جي حڪمن جي خلاف سي ڊي اي جي درخواست رد ڪري ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر چيو ته معاشري ۾ عورتن سان امتيازي سلوڪ رکي پاڪستان ترقي نه ٿو ڪري سگهي، سي ڊي اي پاران هڪ جهڙي ڪم تي مرد کي گهر ڏيڻ ۽ عورت کي گهر نه ڏيڻ جو موقف افسوسناڪ آه??، مرد کي گهر الاٽ ڪرڻ جڏهن ته عورت کي الاٽ نه ڪرڻ انتهائي امتيازي سلوڪ آه??. هن سي ڊي اي کي هدايت ڪئي ته هو صنفي امتياز کي فروغ ڏيندڙ پنهنجي قانونن کي بهتر بڻائي، صنفي امتياز پاڪستان جي بانين، اسلام جي منصفاڻي طرزعمل ۽ آئين جي روح جي خلاف آه??، سي ڊي اي وفاقي محتسب جي حڪمن تي عمل ڪري ۽ عورت جي شڪايت جو ازالو ڪيو ??ڃي. صدر ملازمه کي ڪوا??ٽر الاٽ ڪرڻ جو وفاقي محتسب جو حڪم برقرار رکندي چيو ته سي ڊي اي ملازمه (ڌوٻڻ) سان امتيازي سلوڪ ڪيو آه??. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته جيڪڏهن ضرورت هجي ته وڌيڪ وقت ضايع ڪرڻ کانسواءِ مجاز اٿارٽي/ فورم کان منظوري ورتي ??ڃي. تفصيل موجب سي ڊي اي پاران رڳو مرد ڌوٻين کي رهائشي ڪوارٽرز الاٽ ڪيا پئي ويا. شهناز بيگم (شڪايت ڪندڙ) جو مرحوم گهروارو سي ڊي اي سان واڳيل ڌوٻي هو، مرحوم مڙس ڌوٻي ڪوا??ٽر جي الاٽمينٽ جي لاءِ سي ڊي اي کي درخواست ڏني هئي، گهرواري جي لاڏاڻي کانپوءِ بيواهه سي ڊي اي ۾ ڌوٻڻ جي حيثيت سان شموليت اختيار ڪئي، عورت سي ڊي اي کي ڪوا??ٽر الاٽ ڪرڻ جي درخواست ڪئي جڏهن ته سي ڊي اي ڪوا??ٽر سنيارٽي لسٽ ۾ موجود جونيئر ٻئي ملازم کي ڏئي ڇڏيو جنهن تي عورت وفاقي محتسب سان رابطو ڪيو، جنهن سي ڊي اي جي امتيازي سلوڪ کي بدانتظامي قرار ڏنو. وفاقي محتسب عورت کي گهر جو الاٽمينٽ آرڊر جاري ڪرڻ ۽ 30 ڏينهن ۾ تعميل جي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي جڏهن ته ان جي ابتڙ سي ڊي اي محتسب جي حڪمن جي خلاف صدر کي درخواست ڪئي. سي ڊي اي موقف اختيار ڪيو ته شروع کان ئي اها رهائش سي ڊي جي مرد ملازمن (ڌوٻين) کي الاٽ ڪئي ويندي آه??، رهائش ڪڏهن ڪنهن عورت (ڌوٻڻ) کي الاٽ نه ڪئي وئي، سي ڊي اي جو چوڻ آه?? ته ڌوٻي جي تعريف هڪ بالغ مرد ڪم ڪندڙ ڌوٻي طور ڪئي وئي آه??، ڌوٻي جي رشتيدارن جو مطلب رت جا رشتا يعني پيءَ، ڀاءُ ۽ پٽ آه??، رڪارڊ جو جائزو وٺڻ تي خبر پئي ته سي ڊي اي سال 2000ع ۾ هڪ ڌوٻڻ کي هڪ ڪوا??ٽر جي الاٽمينٽ ڪئي هئي. صدر حقيقتن ۽ امتيازي سلوڪ جي بنياد تي سي ڊي اي جي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو.