اسلام آباد – 10 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شي جن پنگ کي ٽيون ڀيرو چي?? جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آه?? ته عوام ۽ پارليامينٽ جو مٿس اعتماد ان جي غيرمعمولي قائداڻي صلاحيت?? جو اعتراف آهي، صدر شي جن پنگ چين جي ترقي ۽ خوشحالي جي علامت بڻجي چڪو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بي??ن موجب شي جن پنگ جي ٽيون ڀيرو چي?? جو صدر چونڊجڻ تي پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته ان کي ايندڙ 5 سالن لاءِ چي?? جو صدر چونڊجڻ تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پار??ن مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. صدر شي جن پنگ تي چين جي عوام ۽ پارليامينٽ جو اعتماد سندس غيرمعمولي قائداڻي صلاحيت?? جو اعتراف آهي. صدر شي جن پنگ چين جي ترقي ۽ عوام جي خوشحالي جي علامت بڻجي چڪو آهي. وزيراعظم چيو ته سندس قيادت ۾ چين دنيا جي سرفهرست م??اشي قوت بڻجي چڪو آهي ۽ اهو سفر مسلسل جاري آهي. صدر شي جن پنگ جي بصيرت افروز قيادت ۾ چين تعليم، صحت، زراعت، ايجادن، ٽيڪنالاجي سميت هر شعبي ۾ حيرت انگيز ڪاميابيون حاصل ڪري رهيو آهي. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئ?? ته صدر شي جن پنگ جي 5 سالن جي صدارت واري مدي ۾ ٻنهي ملڪن جي آزمايل ۽ سدابهار اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن وڌيڪ مضبوط ٿيندو. اسان صدر شي جن پنگ، چين جي حڪومت ۽ عوام جي لاءِ نيڪ خواهش?? جو اظهار ڪريون ٿا.