اسلام آباد – 27 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ذخيره اندوزن ۽ منافعي خورن جي خلاف سخت ڪارروائي جي هد??يت ڪندي وفاق ۽ صوبن جي ضلعي انتظاميا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ک?? فري هينڊ ڏئي ڇڏيو. وزيراعظم مرغي جي قيمتن ۾ اضاف?? تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ رمضان المبارڪ ۾ يوٽيلٽي اسٽورز تي سستي کاڌي پيتي جي شين جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي پڻ هد??يت ڪئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن رمضان المبارڪ دوران کاڌي پيتي جي بنيادي شين جي دستيابي ۽ انهن جي قيمتن ۾ استحڪام يقيني بڻائڻ جي حوالي سان اهم اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم کي بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ ڪڻڪ سميت کاڌي پيتي جي شين جي ڪا کوٽ نه آهي. وزيراعظم شهباز شريف ذخيره اندوزن ۽ منافعي خورن جي خلاف سخت قانوني ڪارروائي جي هد??يت ڪئي ۽ چيو ته وفاق ۽ صوبن ۾ ضلعي انتظاميا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ک?? فري هينڊ ڏئي ڇڏيو آهي. هن هد??يت ڪئي ته ذخيره اندوزي ۽ وڌيڪ اگهه وٺندڙن جي خلاف سخت ترين ڪارروائي ڪئي وڃي. رمضان المبارڪ کان اڳ گودامن، دڪانن ۽ منڊين ۾ آپريسن ڪن. ٻوڏ، معاشي مشڪلاتن ۾ ڦاٿل عوام کان رمضان ۾ جيڪو وڌيڪ قيمت وٺي، ان ک?? سختي سان منهن ڏيو. وزيراعظم وفاقي حڪومت کي وڏن وزيرن سان گڏجي رمضان ۾ شين جي رواني ۽ قيمتن تي ڪنٽرول جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو. وزيراعظم هد??يت ڪئي ته عبادتن جي مهيني ۾ جيڪو روزيدارن ک?? تنگ ڪري، ان ک?? قانون جي طاقت سان سبق سيکاريو. شهباز شريف سخت هد??يت ڪئي ته شين جي طلب، پهچ ۽ قيمتن ۾ ڳڙٻڙ ٿي ته لاڳاپيل علائقن جي آفيسرن جي خلاف ڪارروائي ٿيندي. وزيراعظم ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته خوراڪ جي کوٽ نه ته پوءِ مرغي جي قيمت ۾ اضافو ڇو؟ وزيراعظم هد??يت ڪئي ته جيڪو عوام کي تنگ ڪري، قانون ان ک?? پڪڙ ۾ آڻي، ڪا نر??ي نه ڪئي وڃي. عوام تي مهانگائي جو بار وڌائيندڙ منافعي خورن ک?? پڪڙيو ۽ قانون جو سبق سيکاريو. وزيراعظم اها به هد??يت ڪئي ته سڄي ملڪ ۾ يوٽيلٽي اسٽورز تي معياري شين جي فراهمي يقيني هجڻ گهرجي. مقدس مهيني ۾ موبائيل يوٽيلٽي اسٽورز قائم ڪريو، سحر ۽ افطار ۾ روزيدارن جون دعائون وٺو. وزيراعظم وفاق ۽ صوبن ۾ سستا رمضا بازار لڳائڻ جي پڻ هد??يت ڪئي. وزيراعظم هد??يت ڪئي ته رمضان بازارن ۾ قيمتن ک?? ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي وڃي.