ڪراچي – 27 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير ب??اول ڀٽو زرداري ڪراچي ۾ پرائ??وي?? اسڪولز ايسوسيئيشن جي وائي?? چيئرمين خالد رضا جي قتل جو نوٽيس وٺندي چيو آهي ته خالد رضا جي بي رحماڻي قتل جي جيتري مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پوليس ۽ لاڳاپيل عملدار خالد رضا جي قتل جي مختلف رخن سان جاچ ڪن?? يقيني بڻايو وڃي ته خالد رضا جي قاتلن کي فوري طور تي قانون جي پڪڙ ۾ آندو وڃي. هن سوڳوار خاندان سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي.