اسلام آباد -04 فيبروري (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير راڻا ثنا??ُ الله چيو آهي ته اسان جو پختو يقين آهي ته ڪشميري پنهنجي جدوجهد ۾ ڪامياب ٿيندا. يوم يڪجهتي ڪشمير تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته اڄ 5 فيبروري کي اسان پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي خودمختياري وارو حق حاصل ڪرڻ لاءِ انهن جي منصفاڻي جدوجهد ۾ اڻٽر ايڪتا جو اظهار ڪريون ٿا، هن چيو ته اهو ضروري آهي ته ڪشميري گڏيل قومن جي انتظام هيٺ آزاداڻي ۽ غير جانبداراڻي راءِ جي ذريعي پنهنجي حق خود اراديت جو استعمال ڪن. هن چيو ته هي ڏينهن حڪومت پاڪستان ۽ پاڪستاني ??وام پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن ۽ پوري دنيا جي سامهون اهو ثابت ڪري ٿو ته اسان وال??ري?? ڄمون ڪشمير جي پراڻي تڪرار کي وسارڻ نه ڏينداسين، گهرو وزير چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب وال??ري?? ڄمون ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي هر ممڪن حمايت جاري رکندو، اسان جو پختو يقين آهي ته ڪشميري پنهنجي جدوجهد ۾ ڪامياب ٿيندا. ڪشمير جي ه?? ڏينهن جي موقعي تي اسان ڀارت کان مطالبو ڪريون ٿا ته هو وال??ري?? ڄمون ڪشمير ۾ انساني ??قن جي سنگين، منظم ۽ رياستي سرپرستي ۾ ٿيل ڀڃڪڙين کي فوري طور تي روڪي ۽ عالمي تنظيمن کي وال??ري?? علائقي تائين بنا رنڊڪ جي پهچ ڏي. اڄ اهو ضروري آهي ته ڪشميري قوم جي حالت تي روشني وڌي وڃي ۽ سفاڪ ڀ??رت?? نيم فوجي دستن جي ه??ان انساني ??قن جي ڀيانڪ ڀڃڪڙين تي به روشني وڌي وڃي، ڪشمير پاڪستان جي شه رڳ آهي.